ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر

ٻرڙو، محبت علي، ڊاڪٽر: سنڌ جو لائق اديب، محقق، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، ايڊيٽر، استاد، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. ان بعد ايم.بي.بي.ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل. ايم. سي) مان پاس ڪيائين. ايم.بي.بي.ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ آرميءَ ۾ بطور ڊاڪٽر چونڊجي ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان گلگت، اسڪردو ۾ رهيو، پر پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب آرميءَ جي نوڪريءَ تان مستعفي ٿي، ميلون جونس بلڊ بئنڪ ڪراچي ۽ آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾ خانگي ملازمت ڪئي، پر ستت ئي قنبر هليو آيو، جتي لطيف ڪلينڪ تي، باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪندو هو، انهي عرصي دوران دل جي دوري سبب 9 اپريل 1997ع تي قنبر ۾ وفات ڪيائين .
ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙي، ايل. ايم. سيءَ ۾ تعليم دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ان وقت جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. اتان کان سندس صحافت جي شروعات ٿي. 1992ع ۾ روزاني ”جاڳو اخبار“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو. 1978ع ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گهر“ نالي پبلشنگ ادارو قنبر ۾ قائم ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب روزاني ”هلال پاڪستان“ جو نگران به رهيو. هن پنهنجا ڪتاب مختلف نالن سان لکيا، جن ۾ ڪٿي محبت ٻرڙو، ته ڪٿي سڄڻ لطيف، مهراڻ مگسي، ساجد، سجاد قنبروي نالا استعمال ڪيا. هن جي ڇپيل ڪتابن مان ڪي سندس زندگيءَ ۾ ته ڪي کانئس پوءِ شايع ٿيا آهن، جن ۾: (1) سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ (1998ع)، (2) شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي، (1988ع)، (3) ڄاڻي سڃاڻي، ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، (1988ع)، (4) سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، (1989ع)، (5) پ. پ. پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن، (1989ع)، (6) سنڌيو سجاڳ ٿيو، (1989ع)، (7) سنڌي مار سورما، (1990ع)، (8) سنڌين جا اتحاد، (1902ع)، (9) ايم. ڪيو. ايم ڪي دهشتگرد سياست، (10) چين مٿان ڳاڙهو تارو، (11) اٽڪ قلعي کان (1990ع(، (12) موسيٰ کان مارڪس تائين، (2006ع)، (13) جدلي ماديت جا بنيادي اصول(2008ع)، (14) ٻوليءَ جو بڻ (2007ع)، (15) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (1998ع)، (16) ماڻهو ۽ ماڻهپو(1999ع)، (17) شعور (2004ع)، (18) ڌرتي منهنجو گهر (2009ع)، (19) سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (2006ع). ان کان سواءِ لا تعداد مقالا، مضمون ۽ ٻيا ڪتاب پڻ موجود آهن. ڊاڪٽر محبت جي وفات کان پوءِ سندس ويجهن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل ڪري ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ نالو رکيو. هن اڪيڊميءَ پاران هر سال ”محبت ٻرڙو اوارڊ“ ڏنا ويندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.25  عيسوي

ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي قنبر شهر ۾ ڄائو.


1997.04.09  عيسوي

ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙي دل جي دوري سبب 9 اپريل 1997ع تي قنبر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي مردانا
ٿامس هينري ونس
الهڏنو مهر
بقادار شاهه
پنڪچ آڏواڻي
صفر نانگرو
ڏاهري متارو خان
مير فتح علي خان ٽالپر
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
دودو III
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون